شاهه واهه 1

شاهه واهه 1: هيءُ واهه شاهبندر تعلقي جي اتر- اوڀر واري ڪنڊ وٽان لنگھي، جاتي تعلقي جي ڪجھه حصي کي آباد ڪري ٿو ۽ ‘هيتما’ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هيءُ واهه اڳي ڦاٽ هوندو هو ۽ شاهبندر کان هيٺ وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. 1819ع ڌاري جڏهن درياهه پنهنجو رخ ڦيرايو، تڏهن شاهه واهه جو منهن لٽجي ويو ۽ سندس ويڪر به گھٽجي وئي. 96-1895ع ۾ ان جي منهن کان اڍائي ميل هيٺ هيڊ ريگيوليٽر تعمير ڪرايو ويو، انهيءَ کانپوءِ هن واهه جو منهن 22 فوٽن کان وڌي 42 فوٽ ٿي پيو. ريگيوليٽر کان اڳ ‘حاجيا واهه’ تائين هن واهه ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون، جيڪي انهيءَ جاءِ تائين اينديون هيون. هن واهه تي هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن: چوهڙ جمالي، ڪر، لاڏيون، لانڍي، ڪچو مورو، رکي، ڌمڙيا، ڪوٽڙي، خيروبي، عنايت پور، ڪوٽر، ميرانپور، اڇ، کڏي، هيتما. هن واهه تي 30179 ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو